سجاول (رپورٽر) ايس ايچ او سجاول اياز ميمڻ خلاف شھرين جي احتجاجن ۽ شٽر بند ھڙتال کان پوءِ سندس سجاول مان بدلي ڪري پوليس اسٽيشن چوهڙ جمالي جو ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ولي محمد چانگ کي سجاول پوليس اسٽيشن سجاول جو نئون ايس ايچ او مقرر ڪيو ويو آهي۔ ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ سجاول جي ميمڻ پيٽرول پمپ جي ڪمري مان پمپ مئنيجر صدق رسول شيخ جو گولي لڳل لاش مليو هو جنهن کي وارثن پاران قتل قرار ڏيندي پمپ مالڪن سميت پنج جوابدارن تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، مقتول جي وارثن پاران ايس ايچ او سجاول اياز ميمڻ تي الزام لڳايو ويو هو ته هو پمپ مالڪن کان رشوت وٺي ڄاڻايل ڪيس کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن تي وارثن پاران احتجاجي مظاهرا ۽ ٻه ڏينهن اڳ شهر ۾ شٽربند هڙتال پڻ ڪرائي وئي هئي. ايس ايچ او اياز ميمڻ جي سجاول مان بدلي جي وارثن پاران آجيان ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاءِ ڪيل جدوجهد جي پهرين ڪاميابي اسان کي ايس ايچ او اياز ميمڻ جي بدلي ٿيڻ سان ملي آهي. اسان کي اميد آهي ته هاڻ اسان کي وڌيڪ انصاف ملندو.