حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ ڄامشورو پوليس پاران قاسم آباد مان نوجوان کي ملازم سميت کنڀي گم ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته کنڀي گم ڪيلن جي ڳولا کي يقيني بڻائيندي 20 آگسٽ تي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وڃي. قاسم آباد جي رهواسي رب نواز مرڙاڻي وڪيل سجاد مگسي معرفت درخواست داخل ڪرائي هئي ته 5 آگسٽ تي نسيم نگر مان ڄامشورو ٿاڻي جي پوليس سندس پٽ ثاقب مرڙاڻي ۽ ملازم فهيم نهڙي کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي. درخواست تي ٻڌڻي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس امجد علي سهتو ڪئي. وڪيل ٻڌايو ته عاشوري ڏينهن وارثن جي کنڀي گم ٻنهي نوجوانن سان ملاقات پڻ ڪرائي وئي هئي ۽ هاڻي سندن آزادي لاءِ وارثن کان رشوت طلب ڪئي پئي وڃي. عدالت رمارڪس ڏنا ته ايس ايڇ او ڏوهي نڪتو ته سندس بيلٽ لهرائي تحويل ۾ وٺڻ بعد جيل اماڻيو ويندو. عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي حڪم ڏنو ته وڪيل وٽ موجود آڊيو ڪال ٻڌڻ بعد ايس ايڇ او جو بيان رڪارڊ ڪري عدالت کي آگاهي ڏني وڃي. اي اي جي آفيس ۾ ايس ايڇ او بيان رڪارڊ ڪرائيندي اعتراف ڪيو ته هن وارثن کي فون ڪيو هو پر ڪا به رشوت طلب ناهي ڪئي. گرفتار ڪيل ملازم فهيم نهڙي خلاف چوري جو سامان وٺڻ جي حوالي سان ڪيس داخل ٿيل آهي جڏهن ته ثاقب مرڙاڻي بابت کيس ڪا به ڄاڻ نه آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ايس ايڇ او جو بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد رپورٽ فراهم ڪئي جنهن تي ايس ايڇ او عدالت کي خاطري ڪرائي ته هو اڄ هڪ نوجوان فهيم نهڙي کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪندو جڏهن ته ٻئي نوجوان جي ڳولا ڪرڻ لاءِ کيس مهلت ڏني وڃي.