لاڙڪاڻي جو گند چيني ڪمپني صاف ڪندي، اسان اسلام آباد جو گند صاف ڪنداسين:بلاول

0
161
پارليامينٽ بدترين دور

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) بلاول ڀٽو زرداري چيو آھي تھ 27 فيبروري تي ڪراچي مان نڪرنداسين ۽ اسلام آباد ۾ حڪمرانن جو گڏ ٿيل ڪچري جو صفايو ڪنداسين، حڪمرانن جي وڃڻ جو وقت اچي ويو آھي

لاڙڪاڻو ۾ چيني ڪمپني کان ڪچرو کڻائڻ واري منصوبي جي افتتاح بعد بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندي چيو ته متحده پاڪستان ۾ ڪجهه سازشي موجود آهن، سازشين کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو ۽ توهان پنهنجو ڪم ڪريو

پ پ عوام جي خدمت جاري رکندي، چيو ته شهري چيني ڪمپني سان گڏجي ڪم ڪندا ته شهر صاف سُٿرو رهندو، اسان پنهنجي شهر کي صاف نه رکنداسين ته ٻيو ڪير رکندو؟، ھن چيو تھ غريب عوام کي وڌيڪ تباھ ڪيو ويو آھي