لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ 24 هين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال جاري رکي. پيپلز پارٽي اڳواڻ طارق انور سيال ۽ يوسي چيئرمين علي ڏنو ڪنگو استادن جي ڪيمپ تي پهچي مسئلا معلوم ڪيا ۽ کين خاطري ڪرائي ته استادن جي جائز مسئلن کي جلد حل ڪرائبو. اهڙي خاطري بعد استادن پنهنجو احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي پ پ اڳواڻ طارق انور سيال چيو ته استادن جا مسئلا جلد حل ڪبا. هوڏانهن پ ٽ الف جي ضلعي صدر حاجن سيال ۽ افسر قريشي ميڊيا کي ٻڌايو ته طارق انور سيال استادن سان ڳالهيون ڪري سمورا مسئلا ترجيحي بنياد تي حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي، احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا.