چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ ۾ ھر ھفتي لڳندڙ  چوپائي مال جي پڙي ۾ نڪلي نوٽن جو واهپو شروع ٿي ويو آهي، جنهن ڪري چوپائي مال جا واپاري ٺڳجي ويا آهن. ان ڏس ۾   يوسي داد خان جروار جو رھواسي پورهيت ٽيڪم  ڪولهي پنهنجي بيمار ٻچن جي علاج لاء ٻڪري ڪاهي چمبڙ مال جي پڙي ۾وڪرو ڪرڻ آيو جتي هڪ ٺڳ واپاري ٻڪري جو 7000 هزار ۾ سودو ڪيو ٺڳ واپاري مسڪين ٽيڪم ڪولهي کي جعلي نوٽ ڏئي ٻڪري موٽرسائيڪل تي کڻي فرار ٿي ويو. ٽيڪم ست هزار کڻي هڪ دڪاندار کي ڏيکاريا دڪان واري تصديق ڪئي ته هي نوٽ جعلي آهن مسڪين ٽيڪم صدمي ۾ بيهوش ٿي پيو چمبڙ ۾ ھر اڱاري جي ڏينھن لڳندڙ جانورن جي مال پڙي ھڪ ٺڳن جو ٽولو غريب ۽اٻوجھ ماڻھن کي ٽارگيٽ ڪندا آھن .اهڙي قسم جي واردات تي چمبڙ جي ڪاروباري ماڻھن انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته واقعي جو نوٽيس ورتو وڃي.