ڪڍڻ (ن پ ا) ڪڍڻ ۾ پرائمري استاد مقرر نه ٿي سگھيو آهي، جنهن ڪري اسڪول کي تالو لڳي ويو آهي. ان ڏس ۾ ڳوٺ تماچي بجير جي گورنمنٽ پرائمري اسڪول تماچي بجير ۾ ھڪ مھينو اڳ استادن وچ ۾ ٿيل جھيڙي کانپوء تعليم کاتي ھڪ استاد امتياز عمراڻي کي نوڪري مان برطرف ڪري ۽ اسڪول ۾ مقرر ٿيل عورت ٽيچر تنجينا زھرہ کي گرلس اسڪول بدين بدلي ڪري ڇڏيو. رھيل ھڪ استاد مظفر کٽي ٽريننگ تي وڃڻ بعد اسڪول کي تالا لڳي ويا جنھن ڪري تدريسي عمل بند ٿي ويو اسڪول کي تالا لڳڻ خلاف ڳوٺ واسين ڪائونسلر مير محمد بجير محمد سليم نھڙيو امام ڏنو چانڊيو مھتاب کٽي جي اڳواڻي ۾ وڏي تعداد ۾ ٻين ماڻھن اسڪول جي معصوم ٻارڙن ۽ نياڻين کي ساڻ ڪري ٻھڊمي چوڪ تي ٽي ڪلاڪ ڌرڻو ھڻي بدين علي بندر مين روڊ بند ڪري ڇڏيو روڊ بند ٿيڻ سبب گاڏين جي آمدرفت بند ٿي ويئي، مظاھرين جي تعليم کاتي خلاف سخت نعريبازي. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته تعليم کاتي جي نااھلي جي ڪري اسان جي ٻچن جو مستقبل داء تي لڳي ويو آھي تعليم کاتي پاران اسڪول بند ٿيڻ جو ڪو بہ نوٽيس ناھي ورتو ويو ھنن سيڪريٽري تعليم ۽ ارباب اختيارين کان مطالبو ڪيو تہ جلد کان جلد اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري تدريسي عمل شروع ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.