لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو چئمبر آف ڪامرس طرفان وفاقي ڪامرس کاتي جي ٺهرايل عوامي مرڪز کي خانگي اسڪول کي 25 سالن تائين ڪرائي تي ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪامرس کاتي جي وفاقي وزير سميت پرڏيهي وزير ۽ پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻين کي خط اماڻي خانگي اسڪول کان اها عمارت خالي ڪرائي عوامي سهولتن لاءِ اتي وفاقي ۽ صوبائي کاتن جون آفيسون قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو چئمبر آف ڪامرس جي صدر بشير احمد، ايم پريل شيخ ڪامرس کاتي جي وفاقي وزير کي خط لکي چيو آهي ته ڪامرس کاتي جي عمارت لاڙڪاڻي ۾ موجود آهي، جنهن کي عوامي مرڪز جي سهولتن لاءِ ٺاهيو ويو، جتي عوام هڪ ئي ڇت هيٺ بئنڪنگ سروس، ايف بي آر، نادرا، موٽرسائيڪل ٽئڪس ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي جي ادائيگي سميت سپر مارڪيٽ جي سهولتن وٺي سگهن ٿا پر هي عمارت سال 2001 کان دي سٽي اسڪول لاڙڪاڻو کي 25 سالن جي لاءِ معمولي ڪرائي تي ڏني وئي آهي، جيڪو ان بنيادي مقصد جي ڀڃڪڙي آهي جنهن مقصد لاءِ هي عمارت ٺاهي وئي هئي، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ضلعي، صوبائي ۽ وفاقي سطح جي سمورن پبلڪ سيڪٽر آفيسون شهر جي مختلف هنڌن تي ڦهليل آهن ۽ لاڙڪاڻي شهر جي وچ ۾ خاص طور تي مخصوص هنڌن تي وڏي منزلا عوامي مرڪز جي عمارت جي موجودگي باوجود ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، تنهن کي اها تجويز آهي ته سٽي اسڪول جي عمارت کي منتقل ڪيو وڃي جيئن مک سرڪاري آفيسن جي شاخن کي عوامي مرڪز جي عمارت ۾ جڳهه ڏئي سگهجي.