جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي جانيديرو ناڪي وٽ خانگي اسپتال ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب ڳورهاري عورت مديحا فوت ٿي وئي، ڄاڻ موجب  ته ڳورهاري عورت کي 4 ڏينهن اڳ طبيعت خراب ٿيڻ سبب وارث اسپتال کڻائي آيا، جتي غلط انجيڪشن لڳڻ سبب عورت جي هٿ ۾ ناسور ٿي ويو، جنهن عورت اڄ دم ڏئي ڇڏيو، ٻي طرف خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر آصف علي ٻڌايو ته  4 ڏينهن اڳ ڪمپائونڊر عورت کي غلط انجيڪشن لڳائي هئي، جنهن سبب ان جي هٿ ۾ انفيڪشن ٿي ويو، ڊاڪٽر موجب ته عورت جي وارثن ڏانهن ميڙ کڻي ويو آهيان، جن مون کي معاف ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن فوتي عورت جي پڦاٽ راجا ٻڌايو ته 4 ڏينهن اڳ اسان عورت کي ڊاڪٽر آصف وٽ علاج لاءِ کڻي وياسين، جتي غلط انجيڪشن سبب عورت جو هٿ خراب ٿي ويو، جنهن سبب اڄ عورت فوت ٿي وئي آهي، هن وڌيڪ موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ان سلسلي ۾ ڊي ايچ او جيڪب آباد ڊاڪٽر عبدالغفار رند سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان نمبر اٽينڊ نه ڪيو.