دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ پي ٽي آءِ جي سوين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو ايس ايس پي دادو خلاف احتجاجي مظاهرو ، پي ٽي آءِ جي ضلعي صدر عاشق علي زنئور ، نياز حسين ٻرڙو ۽ سعيد احمد سومرو جي اڳواڻي ۾ جتوئي هائوس کان پريس ڪلب تائين مارچ ڪيو ويو ، ايس ايس پي خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي ، مٿين اڳواڻن سوين ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ايس ايس پي عرفان سمون جعلي مقابلن جو ماسٽر مائيڊ آهي ، فيصل آباد جي جبران کي اغوا ڪري دادو ۾ قتل ڪيو ، ان کان اڳ سکر ۾ فيصل آباد جي وڪيل اعجاز احمد آرائين کي بيرحمي سان قتل ڪيو ، ايس ايس پي عرفان احمد سمون  دادو ۾ جيڪي مقابلا ڪيا اهي سڀ جعلي آهن ، بيگناھ ماڻهن کي هاف ۽ ڦل فراء ڪيو آهي ، ايس ايس پي ڪنهن به ڏوهاري کي هاف فراء ناهي ڪيو ، هاف فراء ۽ ڦل فراء ذريعي ڪروڙين رپين جو ڪاروبار ڪيو پيو وڃي. هنن چتاء ڏنو آهي ته ايس ايس پي دادو جي جعلي مقابلن جي جوڊيشنل انڪوائري ڪرائي کيس فوري طور دادو مان هٽايو وڃي ، ٻي صورت سڄي ۾ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.