ميھڙ(ن پ ا) ميهڙ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٻيٽو باءِ پاس لڳ گھاڙي چوڪ ڀرسان مبينه پوليس مقابلو ھڪ هٿياربند کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ ۽ هڪ موٽرسائيڪل ۽ ھڪ بندوق هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي ۽ ٻه ساٿي فرار ٿي ويا آھن زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جي سڃاڻپ ميھڙ واسي حبيب الله پٽ الله ڏتو چانڊيو طور ٿي آھي. ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون موجب موجب ميهڙ بي سيڪشن پوليس ناڪابندي دوران پوليس مقابلي ۾ ھڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ۽ ٻه ساٿي فرار ٿي ويا آھن. ٻئي پاسي جوابدار پاران اڳوڻي وزيراعلي سنڌ لياقت علي جتوئي، پي ٽي آء اڳواڻ نياز علي ٻرڙو خلاف ڏوھارين سان مليل ھجڻ واري آڊيو بيان جو ڊراپ سين ٿي ويو، دادو پوليس ٻه ڏينھن اڳ ھڪ آڊيو بيان جاري ڪيو ھو جنھن ۾ حبيب الله پٽ الله ڏتو چانڊيو نالي گرفتار ھڪ جوابدار الزام ھنيو ھيو ته مون کي اڳوڻي وزيراعلي سنڌ لياقت علي جتوئي ۽ نياز علي ٻرڙو ڏوھن ڪرڻ جو چيو آھي ته جيئن ايس ايس پي دادو جي بدلي ٿئي. پوليس جوابدار کي مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري عدالت پيش ڪيو. صحافين آڏو بيان جي ترديد ڪندي جوابدار چيو ته 4 پوليس آفيسرن مون کي سخت تشدد ڪري چيو ته تون لياقت علي جتوئي ۽ نياز علي ٻرڙو خلاف بيان ڏئي ته مان انھن جي چوڻ تي ڏوھ ڪري رھيو آھيان پر اھو بيان مون کان زبردستي تشدد بعد ڏياريو ھيو ان ڳالھ يا بيان ۾ ڪا به صداقت ناھي منھنجو لياقت علي جتوئي ۽ نياز ٻرڙو سان ڪو به واسطو ناھي. پوليس فل فراءِ جي ڌمڪي ڏني هئي.. ان کان اڳ ميھڙ جي سيڪنڊ سول جج مجيب الرحمان ڦلپوٽو جي عدالت ميھڙ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او امجد مغل خلاف قانون جي پاسداري نه ڪرڻ ۽ مبينه پوليس مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدار حبيب الله چانڊيو جي ڪيس ۾ جانچ آفيسر مقرر نه ڪرڻ ، ھٿ آيل ڪيس پراپرٽي پيش نه ڪرڻ ۽ ان بابت ٿاڻي تي ڪا به داخلا نه رکڻ تي ڊي آءِ جي حيدرآباد کي ايس ايچ او خلاف قانوني ڪاروائي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي. عدالت پوليس پاران جوابدار جي رمانڊ واري درخواست رد ڪندي جوابدار کي دادو جيل موڪلي سندس علاج ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو.