لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ 22 ڪروڙ روپين جي ڪڻڪ ۾ خردبرد ڪرڻ واري ڪيس ۾ نامزد شهدادڪوٽ خوراڪ کاتي جو فوڊ انسپيڪٽر نور محمد جروار ڪالهه لاڙڪاڻو اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ ضمانت لاءِ پيش ٿيو، جتي عدالت سندس جي ضمانت رد ڪندي کيس هٿڪڙيون هڻائي جيل حوالي ڪري ڇڏيو.  ان حوالي سان اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو جي هڪ عملدار رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نور محمد جروار مٿان ٻه مهينا اڳ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي ڪڻڪ واري گدام مان 22 لک روپين جي ڪڻڪ خردبرد ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيو، جنهن ڪيس جي ضمانت لاءِ هن لاڙڪاڻي جي اينٽي ڪرپشن عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جتي عدالت سندس جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي کيس جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. هوڏانهن عدالتي فيصلي بعد اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻو جي پوليس ضمانت رد ٿيڻ تي شهدادڪوٽ جي خوراڪ کاتي جي فوڊ انسپيڪٽر نور محمد جروار کي هٿڪڙيون هڻي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي.