دريا خان مري (ن پ ا) ڳوٺ محمد مراد کوکر جي رھواسي ۽ شهناز انصاري قتل ڪيس مان بري ٿيل اختر حسين کوکر هتي احتجاج ڪندي چيو ته سندس پٽ وقار کوکر کي هڪ سازش تحت سينٽرل جيل سکر مان ڪراچي جيل منتقل ڪيو ويو آھي، جيڪا سراسر ناانصافي آھي، ھن چيو ته اسان کي شڪ آھي ته اسان جي نوجوان کي سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ٽارچر ڪري ماريو ويندو، هن چيو ته نوجوان کي جيڪڏھن جيل ۾ ڪجھه ٿيو ته ان جا زميوار جيل سپريٽينڊنٽ سکر شھاب الدين صديقي، فاطمه ۽ آمنه انصاري ھوندا، اختر کوکر وڌيڪ چيو ته مون سميت 3 جوابدارن کي ماڊل ٽرائل ڪورٽ شھناز انصاري قتل ڪيس سميت 13 ڊي ۽ 337 مان ڏوھ ثابت نه ٿيڻ تي باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي، جڏھن ته وقار کوکر تي پڻ 13 ڊي ۽ قلم 337 ثابت نه ٿي سگھيو ۽ ڪورٽ کيس قتل ڪيس ۾ شڪ جي بنياد تي 25 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آھي، جنهن خلاف اپيل داخل ڪنداسين.