دادو ( رپورٽر ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ ، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، فريادڻ ام رباب چانڊيو ۽ جوابدار طور نامزد پ پ ايم پي اي سردار احمد ۽ برهان خان چانڊيو پڻ عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 19، نومبر مقرر ڪئي آهي، ام رباب چانڊيو جو چوڻ آهي ته 9 ، نومبر تي موڪل هئڻ ڪري جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ناهي ٿيو، اميد آهي ته هاڻي 19 ، نومبر تي عدالت سردار احمد ، برهان خان ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪندي، هن چيو ته سردار چانڊيو وارن کي ڀڄڻ نه ڏينداسين کين سزا ڏياري ساھ پٽينداسين.