لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي عدالت نالي جي معاملي تان ٿيل جهيڙي واري ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي هڪ ڌر جي 9 جوابدارن کي مجموعي طور 29 سال قيد، 7 لک روپيا ڏنڊ ۽ ٻئي ڌر جي 10 جوابدارن کي مجموعي طور 44 سال قيد ۽ 11 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. 29 جولاءِ 2016 تي ڳوٺ ڀونڀٽپور ۾ ٻوهيڙا ۽ ڏيٿا برادري جي ٻن ڌرين ۾ نيڪال جي معاملي تان جهيڙو ٿيو جنهن ۾ ٻنهي ڌرين 9 جوابدارن کي هڪ ٻئي جي مٿان ڪيس داخل ڪرايا هئا، فرسٽ ايڊيشنل سيشن ۽ ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج شيام لال جي عدالت ٻوهيڙا برادري جي 9 ڄڻن محمد پنجل، وزير علي، الاهي بخش، ذوالفقار علي، محمد پٺاڻ، سجاد عرف مور، حضور بخش، رسول بخش ۽ جانڙ ٻوهيڙو کي مجموعي طور تي 29 سال قيد ۽ 7 لک روپيا ڏنڊ، جڏهن ته ڏيٿا برادري جي 10 ڄڻن تاج محمد، انور علي، غلام شبير، تنوير علي، شاهد علي، زاهد علي، شمشاد بدر عرف بدرالدين، محمد اسلم ۽ محمد عجيب کي مجموعي طور 44 سال قيد ۽ 11 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالتي فيصلي بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڙڪاڻو سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو.