ٽنڊوالهيار (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽنڊوالهيار شهر جي وچ ۾ زبون حالي جو شڪار رحمان سينٽر کي ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ٽنڊوالهيار جي ڊي سي ۽ ايس ايس پي کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هو پهنجي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي علدرآمد ڪرائن. ٽنڊوالهيار شهر جي وچ مين بس اسٽاپ جي پويان قائم رحمان سينٽر کي زبون حال قرار ڏيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد 7 جون تائين ڊاهڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت جي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ لا۽ ٽنڊوالهيار جي ڊي سي ۽ ايس ايس پي کي پڻ عدالت پابند ڪيو آهي ان ڏس ۾ رحمان سينٽر مارڪيٽ جي مالڪ رابعا يوسفاڻي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويندو واقعي سينٽر مڪمل طور زبون حالي جو شڪار آهي مارڪيٽ جا دوڪاندار صبر سان ڪم وٺندي رحمان سينٽر کي خالي ڪري ڇڏين هن چيو ته بلڊنگ کي ڊاهي نئين سر مارڪيٽ تيار ڪئي ويندي ۽ انهن ئي دوڪاندارن کي ڪرائي تي دوڪان ڏنا ويندا.