لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ماضي ۾ ڀرتي ٿيل 401 جعلي ڀرتين جو ڪيس اڃا تائين نيب ۽ ايف آءِ اي جي جاچ هيٺ آهي، جاچ ۾ دير ٿيڻ سبب سياسي بنيادن تي ٿيل ڀرتين کي قانوني شڪل ڏني وئي، سنڊيڪيٽ جي منظوري به ڏني وئي،  ان سلسلي ۾ هن وقت تائين 37 ماڻهن جا جعلي آفيس آرڊر سامهون اچي چڪا آهن، ان حوالي سان ورسٽي جي رجسٽرار عبدالرئوف خاصخيلي ۽ اڳوڻي وائيس چانسلر جعلي ڀرتين جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ورسٽي ۾ نه صرف جعلي ڀرتيون ٿيون پر جعلي آرڊرن تي آيل ماڻهو کي جوائننگ به ڏني وئي، رجسٽرار طرفان دعويٰ ڪئي وئي ته ان سلسلي ۾ جاچ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي پر جڏهن صحافين جاچ ليٽر جي گهر ڪئي ته هن چيو ته جڏهن جاچ ٿيندي ته سامهون ايندو. جڏهن ته خط ڏئي نه ٿا سگهون،  اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر انيلا عطاءُ الرحمان جو چوڻ آهي ته 24 سيپٽمبر تي پنهنجي ملازمت جو مدو پورو ٿيڻ تي ورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ مبينا طور تي ڪيتريون ئي جعلي ڀرتيون ٿيون  جن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ٻئي طرف ورسٽي ۾ وڏي پئماني تي مالي بدانتظامي جو خدشو پڻ پيدا ٿي ويو آهي، اڪائونٽس آفيسر سرفراز تنيو کي گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڊائريڪٽر فنانس جي عارضي چارج ڏني وئي آهي، جڏهن ته ٻيو اڪائونٽس آفيسر رفيق سرڪي گذريل 4 کان 5 سالن کان ورسٽي جو ريزيڊنٽ آڊيٽر آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته جونيئر ڪلارڪ، نائب قاصد، ليباريٽري اسسٽنٽ، ڪارپينٽر سميت ٻين پوسٽن جي مد ۾ جعلي نوڪريون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ضمير سومرو به جعلي ڀرتين تي لکت ۾ ڪيس داخل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.