ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) ڏکڻ آفريڪا سان تعلق رکندڙ عورت هڪ ڪلاڪ ۾ 249 چانهه جا ڪوپ ٺاهي گنيز ورلڊ رڪارڊ ۾ پنهنجو نالو لکرائي ڇڏيو. گنيز ورلڊ ريڪارڊز موجب عورت ڏکڻ آفريڪا ۾ ٿيندڙ روئبوس نالي ڳاڙهن پتن واري مقامي چانهه ٺاهي. گنيز ورلڊ ريڪارڊز موجب عورت کي رڪارڊ ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ ۾ 150 چانهه جا ڪوپ ٺاهڻ جي ضرورت هئي ۽ ان دوران عورت روئبوس جا 3 مختلف فليورز اصلي چانهه، ونيلا ۽ اسٽرابري ٺاهي، عورت اها چانهه ٽي بيس مان ٺاهي. گنيز ورلڊ رڪارڊ پنهنجي پاليسي کي نظر ۾ رکندي چانهه کي ضايع نه ٿيڻ ڏنو ۽ مقابلي دوران ڪميونٽي جي ماڻهن ۽ شاگردن کي دعوت ڏني وئي هئي جن کي اها چانهه پياري وئي. ان موقعي تي عالمي رڪارڊ ٺاهيندڙ عورت جو چوڻ هو ته مونکي پاڻ تي اعتماد هو ته مان گنيز ورلڊ رڪارڊ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديس.