ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ دائم ويسر ۾ پلاٽ جي مالڪيءَ تان ويسر برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، ان دوران مٿي ۾ ڏنڊا لڳڻ سبب 60 ورهين جو پيرسن عزيز الله ويسر  سخت زخمي ٿي پيو. وارث پيرسن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ٺري ميرواھ اسپتال کڻي اچي رهيا هئا ته زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي  فوت ٿي ويو، بعد ۾ ميرواھ پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ لاش ٺري ميرواھ اسپتال کڻائي آئي، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتول عزيز الله ويسر جي پٽ ممتاز علي صحافين کي ٻڌايو ته والد کي پلاٽ جي معاملي تي گهنور خان ويسر ۽ ٻين ڏنڊا هڻي قتل ڪيو آھي. جوابدار اڳ به اسان کي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيندا رهندا هئا. هن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. هوڏانهن ميرواھ پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.