لاهور (م ڊ) وفاق پاران هٽايل لاهور پوليس جي سربراهه عهدو نه ڇڏيو، وزيراعليٰ پرويز الاهي جي کيس شاباش، ڀاڪر پائي داد ڏنو، وفاقي حڪومت سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر کي هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، مونس الاهي جي وفاق کي ايبسليوٽلي ناٽ چوڻ ۽ صوبائي حڪومت جي آشيرواد بعد سي سي پي او لاهور به وفاق کي عهدو ڇڏڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، وزيراعليٰ پنجاب سان سي سي پي او لاهور ملاقات ڪئي، وزيراعليٰ پرويز الاهي لاهور پوليس چيف کي ڀاڪر پائيندي چيو ته ويلڊن، هيڏانهن اچو ڀاڪر پايو، اوهان کي وڃڻ نه ڏينداسين، هتي ئي ڪم ڪريو، وڏي وزير پوليس آفيسرن کي وڊيو لنڪ تي خطاب ڪندي چيو ته ڄمي ڪم ڪريو، جيستائين آئون نه چاهيندس، ڪنهن جي بدلي نه ٿيندي، ماڻهن کي انصاف فراهم ڪريو، خبر پوي ته تبديلي آئي آهي، ذريعن موجب آءِ جي وڏي وزير جي حڪم باوجود وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، سي سي پي او لاهور ڪيس داخل ڪرايو هو.