اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عورت جج کي ڌمڪين بابت توهين عدالت ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي اڄ فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو، جنهن جو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سرڪلر جاري ڪيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حاضري جي معاملي تي جاري ڪيل سرڪلر ۾ ڄاڻايو آهي ته لارجر بئنچ سڀاڻي (اڄ) منجهند اڍائي وڳي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ۽ عدالت جي ڪمري ۾ انٽري رجسٽرار آفيس جي جاري ڪيل پاس سان مشروط هوندي. سرڪلر موجب عمران خان جي قانوني ٽيم جا پندرنهن وڪيل عدالت جي ڪمري ۾ موجود هوندا ۽ اٽارني جنرل آفيس ۽ ايڊووڪيٽ جنرل آفيس مان 15 لا آفيسرن کي پڻ عدالت جي ڪمري ۾ اچڻ جي اجازت هوندي، ڪورٽ ڊيڪورم برقرار رکڻ لاءِ اسلام آباد انتظاميا ۽ پوليس سيڪيورٽي جو بندوبست ڪري، عدالت سڀاڻي (اڄ) توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان تي فرد جرم لاڳو ڪندي. ياد رهي ته عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ بابت توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين کي غيرمشروط معافي گھرڻ لاءِ موقعا فراهم ڪيا ويا هئا پر عمران خان غيرمشروط معافي بدران پنهنجا لفظ واپس وٺڻ ۽ اڳتي محتاط رويو اختيار ڪرڻ جو جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو هو.