اسلام آباد (بيورو رپورٽ) موجوده حڪومت جي دور ۾ نيب قانون ۾ ٿيل ترميمن واري قانون تي نيب جيئن جو تيئن عملدرآمد ڪرائڻ، 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ڪرپشن جا ڪيس ئي ڏسڻ ۽ احتساب عدالتن پاران نئين قانون تحت واپس ٿيندڙ ڪيسن کي سيشن ڪورٽن کي اماڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته عوام کي دوکو ڏيڻ وارا اهي ڪيس نيب ڏسندي جنهن مامري ۾ متاثرن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ 100 هوندو، تفصيل موجب  نيب چيئرمين آفتاب سلطان جي صدارت ۾ نيب جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، نيب هيڊڪوارٽر ۾ ٿيل اجلاس ۾ نيب جي ڊپٽي چيئرمين، پراسيڪيوٽر جنرل ۽ نيب جي ڊائريڪٽر جنرلز ۽ سينيئر لا آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيب قانون ۾ ترميم واري قانون تي عمل ڪيو ويندو، 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ماليت جي يا 50 ڪروڙ ماليت جي ڪرپشن ڪيسن ئي نيب ڏسندي، جڏهن ته عوام کي دوکو ڏيڻ جي ڪيسن جي حوالي سان انهن ڪيسن کي نيب ڏسندي جنهن ڪيس ۾ متاثرن جو تعداد گهٽ ۾ گهٽ 100 هجي، جاري ڪيل بيان ۾ اهو به چيو ويو ته جيڪي احتساب عدالتون ڪيس واپس ڪنديون انهن ڪيسن کي سيشن ڪورٽن ۾ اماڻيو ويندو، نجي ماڻهن جي نيب ريفرنسن کي قانون مطابق ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل دائرو رکندڙ عدالتن کي موڪليو ويندو، نيب قانون ۾ ترميم جي قانونن 2022ع تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو.