لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ ايف آءِ اي کي عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو

0
160
لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ ايف آءِ اي کي عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو
لاهور هاءِ ڪورٽ پوليس ۽ ايف آءِ اي کي عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو

لاهور: لاهور هاءِ پوليس ۽ ايف آءِ کي عمران خان خلاف ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ عمران خان جي خلاف ڪيسن جي تفصيلن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ عدالت ايف آءِ اي ۽ پوليس کي عمران خان خلاف ڪارروائي روڪڻ جو حڪم واپس وٺي ڇڏيو آهي

جسٽس طارق سليم شيخ ٻڌڻي جي دوران چيو ته ايف آءِ اي ۽ پوليس ڪيسن جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻ حڪم امتناعي کي برقرار نٿو رکي سگهجي

ڪيس جي ٻڌڻي دوران پنجاب حڪومت حلف نامي سان گڏ عمران خان جي خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا، ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي اڳواڻ فوادچوڌري سراڪري وڪيل کان استفسار ڪيو ته هن ۾ حلف ناما لڳل آهن، جنهن تي جسٽس طارق سليم فواد چوڌري کي مخاطب ٿيندي چيو ته هي سوال مون کي پڇڻو آهي، اوهان کي ناهي پڇڻو

عدالت جي روبرو وفاقي حڪومت جي وڪيل ٻڌايو ته مون کي اڄ 23 ڪيسن جي فهرست ڏني وئي آهي

ڪيس جي رپورٽ سامهون آڻڻ بعد عمران خان ۽ پارٽي خلاف ڪيسن جو انگ 127 ٿي ويو آهي، پنجاب ۾ 84 ڪيس جڏهن ته اسلام آباد 43 ڪيس داخل آهن

جسٽس طارق سليم چيو ته جيئن ته پوليس جو رڪارڊ اچي ويو آهي، ان جي ڪري ان ڪيسن جي حد تائين تاديبي ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم ختم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته هاڻ نيب ۽ اينٽي ڪرپشن جي حد تائين تاديبي ڪارروائي تي حڪم امتناع ٿيندو

هي به پڙهندا

لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان 1990 کان 2001 تائين توشه خانه جو رڪارڊ پڌرو ڪرڻ جو حڪم