پارليامينٽ ڪنهن جون به ذميواريون گهٽائي يا وڌائي سگهي ٿي، پارليامينٽ کان مٿي ڪوبه ادارو ناهي، وفاقي گهرو وزير جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب

0
164
وفاقي گهرو وزير جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب
پارليامينٽ ڪنهن جون به ذميواريون گهٽائي يا وڌائي سگهي ٿي، پارليامينٽ کان مٿي ڪوبه ادارو ناهي، وفاقي گهرو وزير جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب

ملڪ ۾ آئيني ۽ عدالتي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سمورن ادارن کي اختيار ۽ آئيني ذميواريون پارليامينٽ پاران ڏنيون ويون آهن

پارليامينٽ ڪنهن جون به ذميواريون گهٽائي يا وڌائي سگهي ٿي، پارليامينٽ کان مٿي ڪوبه ادارو ناهي، وفاقي گهرو وزير جو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب

راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته روز حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هڪ پارٽي ۽ اُن جي ليڊر عمران خان 10 سالن کان ملڪ ۾ ڏڦيڙ، انارڪي ۽ بحراني ڪيفيت هجي، اڄ حڪومت، قوم ۽ ادارن کي 3 نقطن تي رهنمائي جي ضرورت آهي

آڊيو ليڪس تي گوڙ ته ڪيو ويندو آهي، پر ٻڌايو وڃي ته نيب چيئرمين ۽ طيبه گُل جون وڊيوز ڪنهن ليڪ ڪيون؟ عمران خان کي ڏڦيڙ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم نٿو اچي، هو ڪنهن به وقت قوم کي وڏي مسئلي جي ور چاڙهي سگهي ٿو

عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو روڪڻ لاءِ مڪروهه ڪوششون ڪيون ويون، عمران خان ننهن چوٽي جو زور ڏنو ته ملڪ ڊفالٽ ڪري، نومبر ۾ اهم مقرري کي سبوتاز ۽ اداري کي تڪراري بڻائڻ لاءِ لانگ مارچ ڪيو ويو

عمران خان روز ڊرامو ڪندو آهي ته مونکي قتل ڪيو ويندو، قانون جي حڪمراني جي پرچار ڪندڙ عدالتن ۾ پيش نٿو ٿئي، هو جٿا وٺي عدالتن تي حملي آور ٿي رهيو آهي، عمران خان عدالتي عمل کي روڪڻ لاءِ ڄاڻي واڻي حالتون خراب ڪيون