نارووال (اسپورٽس نيوز): نارووال اسپورٽس ڪمپليڪس جي افتتاح تي ٽي 10 ميچ لاءِ لاهور قلندرز پنهنجي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو، پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي چيمپئن ٽيم 28 مئي تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) اليون جي آمهون سامهون ٿيندي، جنهن ۾ قلندرز جي قيادت حارث رئوف ڪندو، پي سي بي اليون خلاف ميچ لاءِ لاهور قلندرز جي 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اوپنر فخر زمان، طاهر بيگ، احسن ڀٽي ۽ جلات خان، احمد دانيال، محمد نعيم، فهام الحق، حيدر شاهه، سلمان فياض، طلحه محمود، حنين شاهه، طيب عباس، شهريار عمران، هارون طاهر ۽ محمد شعيب شامل آهن، پي سي بي اليون ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ ميچ منجهند 2:30 وڳي کيڏي ويندي، پي سي بي اليون ۾ خوش دل شاهه، آصف علي، ڪامران اڪمل، عابد علي سميت ٻين نوجوان رانديگرن کي شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪپتان جو اعلان اڃا ناهي ڪيو ويو.