اسلام آباد (اسپورٽس نيوز): قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي انجري بعد بالنگ جي رفتار ۾ گهٽتائي بابت خدشن جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي، آسٽريليا ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ انجري جو شڪار ٿيل قومي ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي چيو آهي ته وڪيٽون وٺڻ رفتار کان وڌيڪ اهم آهي، منهنجي ڪوشش آهي ته صلاحيتن ۾ اضافو ڪري بالنگ جي رفتار کي بحال ڪريان، هن تسليم ڪيو ته انجري بعد سندس بالنگ اسپيڊ ۾ گهٽتائي ٿي آهي، تنهن ڪري ري هيب ڪري ٽيم ۾ واپس آيو آهيان، پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کيڏي اعتماد بحال ڪيو آهي، وقت سان گڏوگڏ جيترو کيڏندس اوترو ئي بتهري آڻيندس.