لاهور (م ڊ) نيب پاران ڪاروباري شخصيتن خلاف جاچ جو معاملو حل نه ٿي سگهيو، لاهور چيمبر آف ڪامرس جي صدر نيب چيئرمين کي خط لکي ڇڏيو آهي ته ڪاروباري ماڻهن خلاف نيب پاران جاچ نه ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو هو پر نيب ڪجهه ڪاروباري شخصيتن خلاف جاچ ڪري رهيو آهي، نيب جي جاچ سان ڪاروباري برادري ۾ خوف ۽ هراس آهي، نيب آفيسرن کي هدايت ڪئي وڃي ته اهي واپارين کي هراسان ڪرڻ بند ڪن.