فيصل آباد (م ڊ) نواز ليگ صدر شهبازشريف چيو آهي ته ملڪ ۾ حڪومت نالي ڪابه شئي نظر نه ٿي اچي، سڄو ملڪ مهانگائي جي بار دٻجي ويو آهي، حڪومت وزيرن چيو ته نوازشريف دور ۾ اجائي بجلي پلانٽ لڳايا ويا ته اڄ لوڊشيڊنگ ڇو آهي؟، فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ انڌيرا ٻيهر ڇائنجي ويا آهن، بجلي تي هلندڙ ڪارخانه بند ٿي ويا آهن، غريب، مهانگائي ۽ بيروزگاري غريب جو جيئن ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي.