لاهور: جهانگير ترين ۽ علي ترين جي ضمانت ۾ 19 مئي تائين واڌ

0
258

لاھور (بيورو رپورٽ) لاهورجي بينڪنگ ڪورٽ کنڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين جي ضمانت ۾ 19 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ اڳواڻ عدالت ۾ پيش ٿيا، جهانگير جي وڪيل چيو ته ابوبڪر خدا بخش کي جاچ ٽيم جو حصو بڻايو ويو آهي، اسان کي موقعو ڏنو وڃي ته جاچ جو حصو بڻجون، هي ايف آءِ ارز حقيقتن جي خلاف آهن، هن ڪيس ۾ رقم بابت گهڻيون غلطيون آهن، وڪيل چيو ته جاچ مڪمل ٿئي ته ٿي سگهي ٿو ايف آءِ اي چوي ته هي ڪيس درست نه آهي. جنهن بعد عدالت جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين جي ضمانت ۾ 19 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت علي ترين ۽ جهانگير ترين خلاف جاچ جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم به ڏنو .