سنڌ حڪومت جو وفاق کان کجور جي ايڪسپورٽ کولڻ جو مطالبو

0
419
سنڌ ۾ ڊگهي عرصي کان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت وفاق کان کجور جي ايڪسپورٽ کولڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته وفاق کجور جي ايڪسپورٽ لاءِ ضروري قدم کڻي، کجور جي ايڪسپورٽ بند ٿيڻ سان آبادگارن جو وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته ڇاوفاق هن سال آبادگارن کي نقصان کان بچائڻ لاءِ کجور برآمدڪرڻ لاءِڪجهه ڪندو؟، اسماعيل راهو چيو ته خيرپور ضلعي ۾ اعليٰ معيار جي کجور پيدا ٿيندي آهي، سنڌ جي کجور ملڪي ضرورتن سان يو اي ئي، نيپال، اومان، انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ درآمد ڪئي ويندي آهي، هن چيو آهي ته کجور جي ايڪسپورٽ سان ملڪ ڪروڙين روپين جو زرمبادلو ڪمائيندو آهي، سال 2016 ۾ 103 ملين ڊالر، 2017 ۾ 108 ۽ 2018 ۾ 113 ملين ڊالر جي کجور برآمد ٿي.