لاهور (م ڊ) لاهور جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ٿاڻي تي حملو، ڊي ايس پي سوڌو 12 اهلڪار اغوا، آپريشن، 3 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي، پابندي پيل تنظيم ٽي ايل پي جي ڪارڪنن جو يتيم چوڪ تي مرڪز ويجهو ڌرڻو جاري، 50 هزار لٽر پيٽرول سان ڀريل ٽينڪر مرڪز تي ڪاهي ويا، پيٽرول بم ٺاهي حملا، ڇڪتاڻ رات دير تائين برقرار رهي. ان سڏ ۾ ملتان روڊن تي يتيم چوڪ وٽ پابندي پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن جو سربراهه سعد رضوي جي گرفتاري خلاف 5 ڏينهن کان ڌرڻو جاري رهيو، پنجاب پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته پابندي پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڪارڪنن يتيم خاني چوڪ تي ڊي ايس پي کي بي دردي سان تشدد جو نشانو بڻايو. بعد ۾ 4 اهڪارن سوڌو اغوا ڪري پنهنجي مرڪز تي کڻي ويا، ٻئي طرف سي سي پي او لاهور جي ترجمان رانا عارف ٻڌايو ته ٽي ايل پي ڪارڪنن ڊي ايس پي عمر فاروق بلوچ تي تشدد بعد 4 اهلڪارن سوڌو اغوا ڪيو، مظاهرين پوليس تي پيٽرول بم حملا به ڪيا، يتيم چوڪ جي آس پاس پابندي پيل تنظيم جي احتجاجي ڪارڪنن کان علائقو خالي ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا..هوڏانهن پنجاب پوليس پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ چيو ته صبح جو ڪجهه عنصرن نوان ڪوٽ ٿاڻي تي حملو ڪيو، پوليس ۽ رينجرز اهلڪار ٿاڻي ۾ واڙجي ويا، مظاهرين ڊي ايس پي نوان ڪوٽ کي اغوا ڪري پنهنجي مرڪز آندو، پوليس موجب شرپسند هڪ آئل ٽينڪر به مرڪز کڻي ويا، جنهن ۾ 50 هزار لٽر پيٽرول هو، جنهن مان هنن بم ٺاهي حملا ڪيا، پوليس چيو ته پوليس ۽ رينجرز شرپسندن کي پوئتي ڌڪي پوليس اسٽيشن جو قبضو خالي ڪرايو، پوليس مسجد يا مدرسي خلاف ڪنهن به ڪارروائي جو منصوبو ناهي جوڙيو ۽ نه ئي وري آپريشن ڪيو، جيڪڏهن ڪا ڪارروائي ڪئي وئي ته اها پنهنجي دفاع ۽ عوامي ملڪيتن کي تحفظ لاءِ ڪئي. ٻئي طرف هڪ وڊيو پيغام ۾ پابندي پيل تنظيم جي ترجمان شفيق اميني الزام هنيو آهي ته ڪالهه صبح جو 8 وڳي لاهور جي مرڪز تي اوچتو فورسز حملو ڪيو، جنهن ۾ اسانجا 2 ڪارڪن مارجي ويا آهن، جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا، مارجي ويل ڪارڪن جي تدفين تيستائين نه ڪنداسين جيستائين ملڪ مان فرانسيسي سفير کي نه ڪڍيو ويندو. هوڏانهن ڊي ايس پي نوان ڪوٽ جو هڪ وڊيو پيغام سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هو پابندي پيل تنظيم جي ڪارڪنن جي قبضي ۾ زخمي حالت ۾ نظر اچي رهيو آهي. ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پيٽرول بمن ۽ تيزاب جي بوتلن سان ٽولي نوان ڪوٽ پوليس ٿاڻي تي حملو ڪيو، رينجرز ۽ پوليس اهلڪار اندر ڦاسي پيا، حملي ۾ 6 پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته مڇريل ٽولي ڊي ايس پي نوان ڪوٽ سميت 12 پوليس اهلڪارن کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري پنهنجي مرڪز تي کڻي ويا، جتي 50 هزار لٽر جو آئل ٽينڪر به رکيو ويو، هن چيو ته پوليس ڪوبه آپريشن پلان تحت ناهي ڪيو، جوابي ڪارروائي صرف پنهنجي دفاع ۽ مغوي اهلڪارن کي بچائڻ لاءِ ڪئي وئي، سيڪيورٽي فورسز اهلڪارن کي بازياب ڪرايو آهي، هن چيو ته انهي کان اڳ هٿياربند ٽولي هٿان 6 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 700 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار صورتحال کي تسلي جوڳي قرار ڏيندي چيو آهي ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تسلي جوڳي آهي، عوام سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن تي ڌيان نه ڏئي، قانون جي عملداري فرض ۾ شامل آهي، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو ويندو.