اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت چيو آهي ته لاهور ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي اغوا ڪيو ويو جنهن تي آپريشن ڪيو ويو، رياست پابندي پيل جٿن آڏو بليڪ ميل نه ٿيندي، حڪومت ڳالهين تي يقين رکي ٿي، سڌسماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي ته عمران خان عاشق رسول آھي ان هر فورم تي ڳالهايو آھي. هن چيو ته حڪومت ڳالهين تي يقين رکي ٿي پر بليڪ ميل نه ٿينداسين، لاهور ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن کي اغوا ڪيو ويو جنهن تي آپريشن ڪيو ويو رياست پابندي پيل گروهه سامهون بليڪ ميل نه ٿي آهي، هوڏانهن گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ سان ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن، گذريل ٻن ٽن مهينن کان انهن سان ڳالهيون ڪيون پر هو هر صورت ۾ پنهنجي ايجنڊا تان هٽڻ لاءِ تيار نه هئا، ان ڪري حڪومت وٽ رٽ قائم ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو نه بچيو، دنيا ۾ زندهه رهڻ لاءِ ڪجهه قدم اهڙا کڻڻا پيا جن لاءِ اسان ذهني طور تي تيار نه هئاسين، اسان کي تحريڪ لبيڪ تي پابندي لڳائڻي پئي، ڇو ته پوليس جا جوان شهيد ٿيا، انهن جا به ماڻهو فوت ٿيا، اهڙو اظهار ڪالهه هن پريس ڪانفرنس دوران ڳالهائيندي ڪيو آهي، گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد جو وڌيڪ چوڻ هو ته تحريڪ لبيڪ سان ڳالهيون نه ٿي رهيون آهن نه ئي ڳالهيون ٿيڻ بابت مامرو منهنجي نوٽيس ۾ آهي، تحريڪ لبيڪ احتجاج ذريعي 192 هنڌن کي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، صرف لاهور جي يتيم خانه چوڪ جتي تحريڪ لبيڪ جي مسجد رحمت اللعالمين آهي اتي ڪجهه حالتون ڪشيده آهن،، باقي سمورا روڊ رستا کلي ويا آهن، هن چيو ته جن تنظيمن کي ڪالعدم قرار ڏنو ويندو آهي انهن جي عهديدارن جا اڪائونٽ منجمند ٿيندا آهن، شناختي ڪارڊ به بلاڪ ٿيندا آهن ۽ انهن تنظيمن جي اڳواڻن جي چرپر تي به پابندي لاڳو ٿيندي آهي، ان سان گڏ ٽن ڏينهن جو نوٽيس ڏنو ويندو آهي جنهن تي انهن کي مهيني اندر جواب ڏيڻو پوندو آهي، هن چيو ته تحريڪ لبيڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ قانون وزير فروغ نسيم ۽ اٽارني جنرل ڪم ڪري رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن پهريان زبردست بيان ڏنو آهي، ڇو ته اسان ناموس رسالت تي ڪا ڳالهه اچڻ نه ڏينداسين، حضور جن سان گستاخي قبول نه ڪنداسين، هن ان سوال ته 20 اپريل تي تحريڪ لبيڪ جي احتجاج جو امڪان آهي، ڇا ان ڏينهن اسلام آباد، لاهور سميت ملڪ جا رستا کليل هوندا واري سوال جي جواب ۾ چيو ته راولپنڊي اسلام آباد جا روڊ رستا کليل آهن، انشاءَ الله 20 اپريل تي به کليل رهندا، جهانگير ترين بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون کي يقين آهي ته اهو مامرو ٿڌو ٿيندو، جهانگير ترين پارٽي جو حصو آهي اهو پارٽي ۾ رهندو، ڪاڏي نه ويندو.