ڌيءُ کي سنهو رهڻ جو حلف وٺڻ والد کي ڳچي ۾ پئجي ويو

0
518

لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) برطانيا ۾ ڌيءُ کي ٿلهو نه ٿيڻ لاءِ مجبور ڪرڻ ۽ کائنس ٿلهو نه ٿيڻ جو حلف نامو صحيح ڪرائيندڙ پيءُ کي اڍائي سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي. برطانيا جي علائقي برڪشائر سان واسطو رکندڙ 56 ورهين جي ريچڊ کاڊلا پنهنجي ڌيءُ کي مجبور ڪيو ته هوءَ مري به وڃي ته به ٿلهي نه ٿيندي ۽ هميشه ورزش ڪندي. ريچڊ جي ڌيءُ جو چوڻ آهي ته هوءَ ان زبردستي جي ڪري کاڌي جي بداعتدالي جو شڪار ٿي وئي، پاڻ کي اجايو ۽ بيوقوف سمجهڻ لڳي هيس، کاڌي پيتي ۾ بي ترتيبي جي ڪري منهنجي پرورش تي به اثر پيو ۽ نارمل ننڍپڻ ۽ زندگي نه گذاري سگهيس. هن ٻڌايو ته منهنجو ڪو به ڀاءُ ڀيڻ ٿلهو ٿيندو هو ته کيس سزا ملندي هئي، ريڊنگ جي عدالت ٻارن سان غيرانساني سلوڪ ڪرڻ تي ريچڊ کي اڍائي سال قيد جي سزا ٻڌائي.