گوجرانوالا(م ڊ) تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ شامل ڪنٽينر جي ٽڪر سبب موٽر سائيڪل سوار نوجوان فوت ٿي ويو. جڏهن ته ٻيو سخت زخمي ٿي پيو. اکين ڏٺن شاهدن موجب تحريڪ انصاف لانگ مارچ ۾ شريڪ ڪنٽينر غلط سائيڊ کان اچي رهيو هو ۽ ان صحيح رستي کان ايندڙ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻي ڪڍي. ان کان اڳ تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ عمران خان جي ڪنٽينر هيٺيان اچي رپورٽر صدف نعيم شهيد ٿي وئي هئي ۽ هڪ بزرگ مزدور دل جو دور پوڻ سبب به فوت ٿي ويو هو. 49 سالا حسن بلوچ لبرٽي مارڪيٽ روڊ تي ٽرڪ تان ڪري فوت ٿي ويو هو. پر پارٽي اڳواڻ سندس لاش روڊ تي ئي ڇڏي روانا ٿي ويا. مرحوم حسن بلوچ جي ڌيءَ خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته هي ماڻهو منهنجي پيءُ جي لاش روڊ تي ڇڏي اڳيان روانا ٿي ويا ۽ عمران خان سميت ڪنهن به اسان طرف مڙي ناهي ڏٺو. مرحوم حسن بلوچ محنت مزدوري ڪري پنهنجو گهر هلائيندو هو. هاڻ ان جي بيوه ۽ جوان ڌيءَ لوهاري گيٽ ۾ ڪرائي جي گهر ۾ بيوسي جي تصوير بڻيل آهن ۽ مرحوم جي بيوه وزيراعظم شهباز شريف کان مدد جي اپيل ڪئي آهي.