اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان کان هڪ هفتي تائين جواب طلب ڪري ورتو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ عمران خان خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. تحريڪ انصاف جي وڪيل بابر اعواڻ ۽ فيصل چوڌري طرفان سپريم ڪورٽ بار جو صدر احسن ڀون پيش ٿيو ۽ چيو ته بابر اعواڻ ۽ فيصل چوڌري جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس چيو ته ٻنهي وڪيلن طرفان جمع ڪرايل جواب مناسب آهن جنهن جو جائزو بعد ۾ وٺنداسين پهريان حڪومتي وڪيل جو موقف ٻڌي وٺون. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر خان ٻڌايو ته عمران خان ڪنهن به خاطري ۽ عدالتي حڪم کان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي، عمران خان طرفان خاطري ڪرائي وئي هئي. 25 مئي تي پهريون عدالتي حڪم ڏينهن جو 11 وڳي ڏنو ويو ۽ ٻيو شام جو 6 وڳي ڏنو ويو، چيف جسٽس چيو ته ٻنهي حڪمن جي وچ جو وقت هدايت وٺڻ لاءِ ئي هو پر عدالت کي ناهي ٻڌايو ويو ته هدايت ڪنهن کان ورتي وئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن سان ڳالهيون نه ٿيون ته عدالت کي ڇو نه ٻڌايو ويو ان ڳالهه جي وضاحت ته ڏيڻي ئي پوندي. عدالت بابر اعوان ۽ فيصل چوڌري تي ڀروسو ڪيو هو ٻنهي وڪيلن ڪڏهن به نه چيو ته کين هدايتون نه مليون. عمران خان کي عدالتي حڪم جي ڪيئن خبر پئي. خاطري تحريڪ انصاف جي اعليٰ قيادت طرفان ڪرائي وئي هئي. تحريڪ انصاف جي اعليٰ قيادت جي شروعات عمران خان کان ئي ٿيندي آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل دليل ڏنا ته تحريڪ انصاف 2014 ۾ به اين او سي جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان مٿان شرمناڪ چوڻ تي توهين عدالت جو ڪيس هليو، ٻه ڀيرا عمران خان اليڪشن ڪميشن کان به معافي گهري چڪو آهي. عدالت ڪيترائي ڀيرا صبر جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته موجوده ڪيس ماضي جي ڪيسن کان مختلف آهي. وڪيل احسن ڀون چيو ته عدالت حڪومت جي وڪيلن کي عمران خان سان ملاقات جو حڪم ڏنو. پر حڪومت طرفان وڪيلن جي عمران خان سان ملاقات جو بندوبست نه ڪيو ويو. چيف جسٽس پڇيو ته وڪيلن جو رابطو نه ٿيو ته خاطري ڪنهن طرفان ڪرائي وئي؟ ڇا وڪيلن جي ڪنهن سينئر اڳواڻ سان ڳالهيون ٿيون هيون. ڇا ٽيليفون تي به رابطو نه ڪيو ويو هو؟ وڪيل فيصل چوڌري چيو ته عمران خان سفر ۾ هوندو آهي ته جيمر گڏ هوندا آهن، منهنجو اسد عمر ۽ بابر اعواڻ سان رابطو ٿيو ته انهن عدالتي ڪارروائي کان آگاهه ڪيو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسد عمر رابطي وقت ريلي ۾ نه هو، تصويرن موجب ته اسد عمر ريلي ۾ هو. جيمرز هئا ته اسد عمر سان رابطو ڪيئن ٿيو؟ فيصل چوڌري چيو ته اسد عمر سان رابطي وقت عدالت جو حڪم جاري نه ٿيو هو. چيف جسٽس چيو ته عدالتي حڪم ميڊيا تي به هلايو ويو هو، عدالت 25 مئي تي توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اسد عمر سان ٻيون ڀيرو به رابطو ٿي سگهيو پئي پر نه ڪيو ويو. اهوئي سبب آهي ته 26 مئي جي حڪم ۾ عدالت چيو ته ڀروسي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن رابطو نه ٿي سگهيو ته عدالت کي ڇو نه ٻڌايو ويو. عدالت تحريڪ انصاف جي خاطري ڏيارڻ تي حڪومت کي هدايت ڏني هئي ته وڪيلن کي ايڇ نائن گرائونڊ ۾ موجود هجڻ گهرجي ها. رات 10 وڳي تائين ته گهڻو ڪجهه ٿي چڪو هو. ڇا عدالت هاڻ عمران خان کان پڇي ته ڇا ٿيو هو؟ جسٽس اعجازلاحسن رمارڪس ڏنا ته وڪيلن ڪڏهن به ناهي چيو ته قيادت سان رابطو نه ٿيو هو. واضح خاطري تي ئي عدالت وڪيلن تي اعتماد ڪيو هو. جلسي جي هنڌ جي حوالي سان صرف ايڇ نائن گرائونڊ جو چيو هو. تحريڪ انصاف عدالتي حڪم جو غلط استعمال ڪيو. عدالت ته تحريڪ انصاف قيادت ۽ ڪارڪنن کي تحفظ ڏنو هو. عدالتي حڪم تي حڪومت رڪاوٽون هٽائي ڇڏيون هيون. چيف جسٽس چيو ته گاڏي يا جهاز نه هجڻ صرف بهانا آهن. عدالت کي خاطري ڪرائي وڃي بهانا نه ڪيا وڃن. اسد عمر سان ٻيون رابطو ڪيئن نٿو ٿي سگهي. عدالت جو پهريون ڪم هو ته ملڪيتن کي نقصان نه پهچائڻ جو چئي. تحريڪ انصاف درخواست ئي ايچ نائن گرائونڊ جي ڏني هئي. ايچ نائن کان اڳيان اچڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. ٻن وڪيلن جي ذريعي عدالت کي گمراهه ڪيو ويو. پنهنجو قلم آئين جي خلاف استعمال نه ڪرڻ گهرجي. 10 هزار ماڻهو گهرائي 10 لک ماڻهن جي زندگي جنجال بڻائي وئي. فيض آباد ڌرڻي دوران ايمبولينس ۾ ماڻهو مري ويا هئا. جمهوريت تي يقين رکندڙ اهڙي طرح جو احتجاج ناهن ڪندا. چيف جسٽس چيو ته جيڪو ڪجهه 25 مئي جي ڏينهن ٿيو اهو ٻيهر نه ٿيڻ گهرجي. عدالت هن ڪيس ۾ صبر کان ڪم وٺي رهي آهي نه ته عدالت وٽ موجود مواد موجب عمران خان کي توهين عدالت جو نوٽيس ملڻ گهرجي. پر ان باوجود اسان کيس وضاحت جو موقعو ڏئي رهيا آهيون. تفصيلي جواب عمران خان جي صحيح سان جمع ٿيڻ گهرجي. جنهن کان پوءِ عدالت عمران خان کان 25 مئي واقعن تي وضاحت طلب ڪندي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.