اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن شام چار وڳي ٿيندو اجلاس لاءِ 21 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي، جنهن ۾ مختلف رپورٽون پيش ڪرڻ کانسواءِ قانون وزير اياز صادق قانون شهادت ايڪٽ ۾ ترميم جو بل منظوري لاءِ پيش ڪندو جڏهن ته پيٽروليم ايڪٽ ۾ ترميم جو بل به پيش ٿيندو، ايجنڊا ۾ اسلام آباد ۾ نڪاح نامي ۾ ختم نبوت جو حلف شامل نه هجڻ واري مامري تي ڌيان طلب نوٽيس به ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويو آھي،  جڏهن ته اجلاس لانگ مارچ واري مامري تي به بحث ٿيڻ جو امڪان آھي.