لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ سازشون تيار ڪيون ويون آهن: عمران خان

0
202

عمران خان لاهور جي شاهدره واري علائقي ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي چيو آھي تھ لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ مختلف هنڌن تي سازشون تيار ڪيون ويون آهن، تشدد ۽ جيل جون سختيون اسان کي روڪي نه ٿيون سگهن

عمران خان چيو ته پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته رڍون ٻڪريون نه پر انسان آهيون، پهرين شهباز گل ۽ پوءِ اعظم سواتي کي کنڀي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، هڪ پيرسن کي سندس پوٽن ۽ پوٽين سامهون اگهاڙو ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو

ھن چيو تھ چيف جسٽس کي هن معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، شهباز گل واري معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ها ته اعظم سواتي تي تشدد جو واقعو پيش نه اچي ها

عمران خان جي خطاب بعد پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ شاهدره مان اسلام آباد لاءِ روانو، لانگ مارچ جا قافلا اڄ رات گجرانوالا پهچندا