اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جو امڪاني لانگ مارچ، اسلام آباد پوليس شهرين جون لسٽون ٺاهڻ ۽ ضمانتي بانڊز گهرڻ جو اعتراف ڪري ورتو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شهرين کي هراسان ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو، ضمانتي بانڊ ڏيڻ جي قانوني حيثيت تي پوليس عدالت کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٿاڻي بني گالا جي اهلڪارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي ايڊووڪيٽ جنرل نياز الله نيازي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، چيف جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته اوهان هي ڪهڙيون لسٽون ٺاهي رهيا آهيو؟ اسٽيٽ ڪائونسل جي نمائندي ٻڌايو ته آءِ جي صاحب لسٽ ٺهرائي آهي اسان ضمانتي بانڊن لاءِ چيو آهي، چيف جسٽس چيو ته اها هراساني آهي اوهان ڪنهن کي ڪيئن ڪال ڪري سگهو ٿا؟ ڪهڙي قانون تحت پوليس ضمانتي بانڊ گهريا آهن، پوليس پاران ٻڌايو ويو ته نقص امن جي ڪري ضمانتي بانڊ گهريا هئا، مٿان کان حڪم مليو هو، عدالت چيو ته ضمانتي بانڊز جو پوليس جيڪو طريقو اختيار ڪيو آهي اهو قانوني طور درست ناهي. اسٽيٽ ڪائونسل جي لسٽ تي عدالت کي ايندڙ ٻڌڻي تي مطمئن ڪرڻ جو حڪم ڏنو.