اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ مصدق ملڪ ۽ سيف الله ابڙي ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. اجلاس ۾ سينيٽر سيف الله ابڙي پاڪستان ايل اين جي جي مسعود نبي کان سوال ڪيو ته اڳوڻي حڪومت ۾ ايل اين جي سستي هئي ته خريد ڇو نه ڪئي وئي؟ ان تي مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته توهان مون کان سوال ڪيو، سيف الله ابڙي جواب ڏنو ته مون کي لاڳاپيل آفيسر کان پڇڻ ڏنو وڃي، مملڪتي وزير ته ڪاميٽي ۾ ويهي به نٿو سگهي. مصدق ملڪ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن مان نٿو ويهي سگهان ته گهرايو ڇو ويو؟ توهين نه ڪيو مان وڃان ٿو. مصدق ملڪ جي ڪاوڙ تي ڪاميٽي چيئرمين چيو ته اهڙي ڳالهه ناهي توهان ويهو. مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو ته 17 ڊالر ۾ خريد ڪيل گيس برآمدي شعبي کي 9 ڊالر ۾ ڏني وئي ۽ غريب کان نه صرف پوري قيمت ورتي وڃي ٿي پر اهو به چيو وڃي ٿو ته قيمت ته تنهنجو پيءُ به ڏيندو، جنوري ۾ ايل اين جي جا 10، فيبروري ۾ 9 ڪارگو ايندا پر ان باوجود گيس جي لوڊشيڊنگ ڪرڻي پوندي.