اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بني گالا جي ڀرپاسي شڪي ماڻهن جي موجودگي جا اطلاع آهن. اسلام آباد پوليس موجب بني گالا جي ڀرپاسي شڪي ماڻهن جي موجودگي جا اطلاع آهن، غيرقانوني قدم ۽ مددگارن خلاف ڪارروائي جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب امڪاني ڌرڻي کي منهن ڏيڻ لاءِ پوليس آفيسرن جي ميٽنگ ٿي. ترجمان جو چوڻ آهي ته بني گالا ۽ ڀرپاسي شڪي ماڻهن جي موجودگي جا اطلاعن تي غيرقانوني قدم کڻندڙن ۽ مددگارن خلاف ڪارروائي جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب بني گالا ماڊل پوليس اسٽيشن ۾ اي ايس پي کي مقرر ڪيو ويو آهي، اسلام آباد جي اندرين ۽ ٻاهرين رستن تي خاص سيڪيورٽي مقرر ڪئي وئي آهي.