اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان جي پوري پريس ڪانفرنس جي تڪليف آرمي چيف جي مقرري تي هئي، نواز شريف 6 آرمي چيف مقرر ڪيا، 3 ڀيرا چونڊيل وزيراعظم هو، ۽ عمران هڪ مقرري جي ڪري پيرين پوڻ سوڌو منٿون ڪري رهيو آهي، پر اها به نصيب نه ٿيندي، آرمي چيف جي مقرري قانون موجب وزيراعظم شهباز شريف کي ڪرڻي آهي، عمران کي تڪيلف آهي ته پارليامينٽ ۾ 172 نمبر پورا ڪري اچي ۽ آئيني طريقي سان عدم اعتماد آڻي ان کانپوءِ پنهنجي حڪومت آڻي، مريم اورنگزيب چيو ته 6 سيٽون کٽي اليڪشن جو مطالبو نٿا ڪري سگهو، هن چيو ته عمران چوي ٿو ته شهباز شريف پنڻ وڃي ٿوٽيڪسي ڊرائيور ته پاڻ بڻيل رهيو، سڀ کان وڌيڪ قرض ملڪ تي اوهان چاڙهيو، هن چيو ته اعظم سواتي سان ٿيل ورتاءُ تي عمران سوال اٿاري ٿو پنهنجي دور ۾ ڇا ڪيو اپوزيشن ليڊر کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو، مريم نواز، حمزه شهباز ۽ نواز ليگ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو، ان وقت اوهان جا انساني حق ڪٿي هئا‏.