ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ طرفان تڪراري ڊجيٽل آدمشماري، ملڪ اندر وڌنڌڙ مهانگائي، پاڻي سميت قدرتي وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ خلاف ضلعي صدر رمضان رند، محمد حنيف باگراڻي، محمد هاشم ڪنڀار، علي مردان، منظور رند، دلدار علي، پروين رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ستر موري کان نڪتل پيادل مارچ ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب پهتو جتي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي نالي تي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، آدمشماري ۾ غير قانوني ڌارين جي آبادڪاري کي ڳڻيو پيو وڃي جيڪو عمل کليل سنڌ دشمني آهي.