اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط لکي کيس وڊيو لنڪ وسيلي عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ پنهنجي خط ۾ چيو آهي ته عمران خان کي عدالتن ۾ وڊيو لنڪ وسيلي پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي. سندس زندگي کي سخت خطرا آهن اطلاع آهن ته عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي موقعي تي عمران خان تي قاتلاڻو حملو ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف نجي ٽي وي چينل جي رپورٽ موجب عمران خان توشا خانا ڪيس ۾ ڪنهن به صورت ۾ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پي ٽي آءِ فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين سيڪورٽي جي فول پروف انتظام نه ڪيا ويندا عمران خان کي ايف ايٽ ڪچهري وڃڻ نه ڏنو ويندو.