ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي  پاران ڊجيٽل آدمشماري خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال جاري رهي، جنهن ۾ گلزار سومرو، سومار مڱريو ، قادر چنا جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن حصو ورتو، ان  موقعي تي اڳواڻن  چيو ته ڊجيٽل آدمشماري   کي روڪيو وڃي، هنن چيو ته 20 مارچ تائين بک هڙتال جاري رهندي، جڏهن ته ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سڄي سنڌ جو دورو ڪندو