واهي پانڌي(ن پ ا) سنڌ جي ماڳ گورک هل اسٽيشن تي ڳڙي ۽ تيز هوا سان برسات سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي گورک تي آيل سياح موسم مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن. جڏهن ته واهي پانڌي ۽ آس پاس جي علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات ٿي آهي جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. جڏهن ته برسات سبب گورک هل اسٽيشن، واهي پانڌي سميت ڪاڇي ۾ بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي ڪاڇي جي آبادگارن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته برسات سبب ڪڻڪ جي فصل کي نقصان جو خدشو آهي.