اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو ڌار ڌار اجلاس اڄ ٿيندو، سينيٽ جو اجلاس منجهند 11 وڳي ٿيندو جنهن لاءِ 25 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي ٻئي طرف قومي اسيمبلي جو اجلاس منجهند 2 وڳي ٿيندو جنهن لاءِ 20 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي جنهن ۾ سوالن جوابن جي ڪارروائي کانسواءِ حڪومتي اتحادي جي يو آءِ جا ميمبر عاليه ڪامران، صلاح الدين ايوبي ، مولانا جمال الدين پاران رمضان مهيني ۾ عام واهپي  جي شين جي  قيمتن ۾ ٿيل واڌ بابت ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو ويندو،  جڏهن ته جماعت اسلامي جو مولانا اڪبر چترالي ، پي ٽي آءِ جو صالح محمد، احمد حسين ڏهر ، رياض مزاري ، جويريا ظفر مفت اٽي جي تقسيم دوران قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جي صورتحال بابت ڌيان طلب نوٽيس پيش ڪيو ويندو.