اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستانين لاءِ هن سال حج جي ادائگي  ۾ نيون رڪاوٽون سامهون اچي ويون آھن ذريعن مطابق ڊالر جي کوٽ مشڪلاتون پيدا ڪري ڇڏيون آھن، اسپانسرشپ اسڪيم تحت اميد مطابق ڊالر نه مليا، مذهبي مامرن واري وزارت ناڻي وزارت کي وڌيڪ ڊالرن جي فراهمي ممڪن بنائڻ جي درخواست ڪئي آهي، ذريعن مطابق مذهبي مامرن واري وزارت حج 2023 جي لاءِ ناڻي وزارت کان وڌيڪ 3 ڪروڙ 30 لک ڊالر گهري ورتا آهن، اسپانسرشپ سڪيم ۾ ڊالر اميد جي مطابق نه اچڻ تي مذهبي مامرن جي وزارت کي مجموعي طور تي 12 ڪروڙ 30 لک ڊالر گهربل هوندا، ذريعن مطابق اسپانسرشپ اسڪيم تحت گهربل ڊالر ملن ها ته ناڻي وزارت 9 ڪروڙ  ڊالر ڏئي ها، هاڻي وڌيڪ ضرورت آهي، اسپانسرشپ تحت گهربل ڊالرن   نه ملڻ تي وڌيڪ 3 ڪروڙ 30 لک ڊالر  جڏهن ته مجموعي طور تي 12 ڪروڙ 30 لک  ڊالر گهربل هوندا، مذهبي مامرن واري وزارت جي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي چيو آھي ته گورنمينٽ ريگيولر اسڪيم جي 43 هزار 308 جي ڪوٽا تي بينڪن ۾ 72869 درخواستون وصول ٿيون آهن، بينڪن کان تفصيل وٺي حتمي درخواستن جو تعين 4 اپريل تي ٿيندو، اسپانسرشپ اسڪيم تحت بڪنگ گهٽ ٿيڻ سبب ڪوٽا سعودي حڪومت کي واپس ڪري سگهجي ٿي.