اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ ٽن سالن جي بندش کان پوءِ واپار ۽ سفري سهولتون ڪالھه آچر کان ٻيهر بحال ٿي ويون آھن، ٻنهي ملڪن سي پيڪ تحت سرگرميون ۽ ٻطرفي تجارت جي بحالي لاءِ خنجراب پاس راهداري کي اڄ کولڻ جا مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن،  خنجراب پاس کلڻ سان سي پيڪ منصوبن ۽ ٻطرفي تجارت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر تيزي اچي ويندي، هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته خنجراب پاس کلڻ سان سي پيڪ جي رفتار وڌائڻ جي راهه ۾ هڪ ٻي رڪاوٽ ختم ٿي وئي، اميد آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۾ اضافو ٿيندو، ٽن سالن کان پوءِ ٻنهي ملڪن ۾ تجارتي راهداري جي بحالي خوشي جو لمحو آهي،  هن چيو ته جيڪو سفر نومبر 2019ع ۾ رڪيو هو، اهو الحمد الله 2023ع ۾ ٻيهر بحال ٿي ويو آهي، هن چيو ته هڪ فارين فنڊيڊ شخص سي پيڪ کي تڪراري بڻائڻ جو جرم ڪيو، ٻئي طرف  مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چين ۽ پاڪستان جي قيادت کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ٽن سالن کان پوءِ چين پاڪستان واپار ۽ اچ وڃ ٻيهر بحال ٿي وئي آهي، نومبر 2019ع ۾ بند ٿي ويو هو، خنجراب پاس کلڻ سان ٻنهي طرف جي عوام جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ ۾مدد ملندي، پي ٽي آءِ حڪومت پاڪستان چين تجارتي سرگرميون ۽ سي پيڪ جي رفتار متاثر ڪئي، الحمدلله سي پيڪ خلاف فارين فنڊيڊ فتني جي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي. ياد رهي ته معاهدي تحت گلگت بلتستان جي وادي جي سرحدي هنڌ کان چين جي سنڪيانگ ريجن روزانو بس رواني ٿيندي آهي، نومبر 2019ع ۾ ان کي بند ڪيو ويو هو، ان بندش جو سبب ڪورونا بيان ڪيو ويو هو، هڪ اندازي مطابق 70 سيڪڙو مقامي آبادي جي روزگار جو دارومدار خنجراب پاس جي رستي ٿيندڙ تجارت ۽ اچ وڃ جي سرگرمين تي هو.