قمبر ( رپورٽر) قمبر جي تعلقي اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي کي نوجوان طرفان مبينا هراسان ڪري گارگند ڪئي وئي ڊاڪٽرياڻي طرفان اسپتال جي ايم ايس کي دانهن ڏيڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ڪيو ويو  ان سلسلي ۾ تعلقي اسپتال وومين ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر حنا نوناري صحافين کي ٻڌايو ته مان 3 ڏينهن اڳ رات جو اسپتال ۾ ڊيوٽي تي هيس تي قمبر واسي نوجوان دانش چانڊيو عورت مريض کي علاج لاءِ وٺي آيو جنهن کي سور جي تڪليف هئي  مون ان کي دوائون لکي ڏنيون جيڪي اسپتال ۾ نه هجڻ تي مون کي هراسان ڪندي گارگند ڪئي ۽ چيو ته اسپتال ۾ دوائون ڇو نه آھن  هن چيو ته نوجوان نشي جي حالت ۾ هو مون دانهون  ڪيون جنهن بعد هو ڌمڪيون ڏيندو هليو ويو مون فون تي ايم ايس کي ٻڌايو پر هن ڪا به ڪاروائي نه ڪئي  هن وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ سيڪيورٽي جو ڪو به بندوبست ڪونهي نه ڪو پوليس اهلڪار موجود آھي نه ئي وري ڪو خانگي سيڪيورٽي وارو مقرر ٿيل آھي مون سان گڏ ڊيوٽي تي مقرر ايل ايڇ وي به نه ايندي آھي نه ئي وري ڪا دائي مقرر ٿيل آھي.