نيويارڪ( م ڊ) گڏيل قومن طرفان پاڪستان جي اترين علائقن ۾ موجود هزار گليشيئرز جي ميپنگ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن جي ان سروي ذريعي وڌندڙ گرمي پد ۽ ان جي نتيجي ۾ گليشيئرز جي پگهرجڻ جي رفتارڄاڻي هڪ اهڙو نظام بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي جنهن سان مستقبل ۾ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي کان بچي سگهجي ۽ ٻوڏ جهڙين آفتن جي حوالي سان اڳواٽ الرٽ جاري ڪري سگهجي. يو اين ڊي پي موجب ايندڙ 18 مهينن دوران 5 هزار گليشيئرز جي ميپنگ ڪئي ويندي. تيزي سان پگهرجندڙ گليشيئرز سبب جبلن ۾ ڍنڍون ٺهي ويون آهن جيڪي مستقبل ۾ هاڻوڪي خطرناڪ ٻوڏ جيان هيٺائين وارين علائقن ۾ ٻيهر ڪنهن وڏي ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان هلندڙ سال آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ جون کان هنيئر تائين 15 سئو کان وڌيڪ ماڻهو زندگي جي جنگ هارائي چڪا آهن جڏهن ته ڏهه ارب ڊالرز کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي، پاڪستان جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀاڱي ٽي حصو پاڻي ۾ ٻڏي چڪو آهي. هن برف سان ڍڪيل هندوڪش، هماليا ۽ ڪراڪرم جبلن جي سلسلي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ان لاءِ هن رٿا ذريعي دنيا ۾ ٿرڊ پول سمجهي ويندڙ ان علائقي ۾ برف پگهرڻ جي رفتار ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ مستقبل ۾ ٻوڏ جي تباهي کان بچڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي جوڳيون حڪمت عمليون طئي ڪيون وينديون.هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي شڪار سرفهرست ڏهه ملڪن ۾ پاڪستان کي ڪلائميٽ فنڊز مان 154 ملين ڊالرز ملي چڪا آهن، ايو اين ڊي پي، حڪومت سان گڏ عالمي ري انشورنس ڪمپنين کان ڊزاسٽرز رسڪ انشورنس پلان جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ڪري رهي آهي.