ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ ۾ ٻوڏ متاثرين جي سھائتا نه ٿي سگھي، ٻوڏ متاثر کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھن، جڏھن ته ڊي سي دادو پاران جوڙيل راشن ڪاميٽي متحرڪ ناھي ٿي سگھي، جنھن سبب ضلعي حڪومت پاران آيل راشن ۽ ٽينٽ ورھائجي ناھن سگھيا، راشن ڪاميٽي جي ٿيل گڏجاڻي مطابق ٻوڏ متاثرين کان سول جج ميھڙ کان صحيح ٿيل درخواستون وٺڻ ۽ متاثرين جي تصديق لاءِ ڪائونٽر يا ڊيسڪ قائم ڪرڻ واري اعلان تي عمل ناھي ٿيو روينيو آفيس ۾ ڪو به ڪائونٽر قائم ناھي ٿي سگھيو، روينيو آفيس کي تالا ڏنل آھن، جنھنڪري متاثر روينيو آفيس جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آھن.